چرخي جو راز

چرخي جو راز (ڪتاب): هي ڪتاب نارائڻداس ملڪاڻيءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ مهاتما گانڌيءَ پاران ديسي ڪپڙي واپرائڻ ۽ ولايتي ڪپڙي جي بائيڪاٽ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ’چرخي‘ تي ڪتجندڙ ڌاڳي مان ٺهندڙ ديسي ڪپڙي جي اهميت بيان ڪئي وئي آهي. هن ڪرائون سائيز ڪتاب ۾ 54 صفحا آهن ۽ ان جي قيمت 12 آنا آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو، قومي ساهتيه منڊل، نيشنل پريس حيدرآباد مان سال 1946ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو